SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pragmetic Idealism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pragmetic
  • aidiəlizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Pragmetic Idealism

پرئگميٽڪ آئيڊيلزم

عمليت پسند آدرش واد

هي نظريو ’ڪوستاس ميلاڪوپائيڊس‘ (Costas Melakopides) نالي ڪئنيڊيائي دانش ور پنهنجي ڪتاب ”ڪئنيڊيائي پرڏيهي نيتي 1945ع کان 1995ع “ ۾ ”ڪئنڊيائي بين الاقواميت“واري تصور کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو آهي. جنهن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ڪيئن دُنيا جي ٻين وچٿرين طاقتن (Middle Power) ]جهڙوڪ: آسٽريليا، نيوزي لينڊ، سويڊن، ڊينمارڪ ناروي وغيره[ سان گڏجي ”سرد جنگ“ دوران، سياسي حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي، بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان ڪئنيڊا پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ثالثي، وچٿرائپ، بين الاقوامي تڪرارن ۾ سفارتي ۽ قانوني نُڪتن جي خيال، امن پسنديءَ سان واڳنا، امن جي قيام، انساني حقن، پرڏيهي امداد ۽ ماحولياتي فضيلت وارن اصولن کي لاڳو ڪندي، هڪ مُهذب بين الاقوامي معاشري جي قيام لاءِ جُستجو ڪئي. ان دوران ڪيترن موقعن تي ڪئنيڊيائي سرڪار پنهنجن روايتي اتحادين جي فرمائشن کي مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. اڄوڪي دور ۾ يورپي يونين سميت دُنيا جا ڪيترائي مُلڪ، عالمي معاملن ۾ ”عمليت پسند آدرش واد“ جي مٿي بيان ڪيل اصولن ۽ قدرن تي عمل ڪري، پنهنجون پرڏيهي پاليسيون ترتيب ڏيندي، دُنيا ۾ تعاون ۽ سهپ لاءِ بهتر ماحول جي فراهميءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن


Remember Me Also:

بٺ ڀرڻ

جهڙي تهڙي کاڌي مان پيٽ ڀرڻ. نقصان ڀرڻ ، ٽوٽو سهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal